حليم عادل شيخ سنڌ اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سان واسطو رکندڙ ايم پي اي حليم عادل شيخ سنڌ اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

تحريڪ انصاف جي پارلياماني ليڊر جي استعيفيٰ سنڌ اسيمبلي اسپيڪر کي موڪلي وئي آهي ۽ هن بلاول غفار کي پارلياماني ليڊر سنڌ اسيمبلي نامزد ڪيو آهي.

بلال غفار کي پارلياماني ليڊر سنڌ اسيمبلي نامزد ڪرڻ جو خط سنڌ اسيمبلي اسپيڪر کي موڪليو ويو آهي.

واضح رهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ فردوس شميم نقوي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، جنهن کانپوءِ تحريڪ انصاف قيادت پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ کي اپوزيشن ليڊر نامزد ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.