سجاول: ميرپوربٺورو ۽ دڙو شهر جي گذريل ٽن ڏينهن کان بجلي بند هئڻ خلاف ڌرڻو

ميرپوربٺورو ۽ دڙو شهر جي گذريل ٽن ڏينهن کان بجلي بند هئڻ خلاف پ پ ضلعي سجاول جي اڳواڻ اربابِ وزير ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ميرپوربٺورو لڳ اڇي موري وٽ  دڙو بٺورو, بٺورو سجاول ۽ بٺورو حيدرآباد روڊن تي ڌرڻا هڻي روڊ بند ڪيا ويا ،  ر وڊ بند هئڻ سبب روڊن جي ٻنھين طرفن کان سوين گاڏيون بيھجي ويون جڏهن ته بٺورو حيدرآباد روڊ نه کولڻ تان لنڊ برادري ۽ مظاھرين ۾ جھيڙو ٿي پيو ، جھيڙي دوران  پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا ، جن کي تعلقي اسپتال موڪليو ويو،  ان موقعي تي ارباب وزير احمد ميمڻ, محمد ڪڇي ۽ غياث جماڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته واپڊا وارن ناانصافي ڪندي دڙو, بٺورو سميت تعلقي جي سوين ڳوٺن جي بجلي بناجواز بند ڪري ڇڏي آھي جنهن سبب عام ماڻھن جو گذرسفر ڏکيو ٿي ويو آهي،  ھنن چتاءُ ڏنو ته جيستائين  بجلي بحال نه ڪئي ويندي سندن احتجاج جاري رهندو .

رپورٽ- امتياز علي سومرو

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.