ڪوٽڏيجي ( ن ع آ ) ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي بخش حاجاڻو ۾ گذريل رات دير سان نامعلوم چورن ڳوٺاڻي جان محمد شر جي گھر ۾ داخل ٿي ڀلوڙ نسل جي هڪ مينھن چوري ڪاهي فرار ٿي ويا ڳوٺاڻن اهڙو اطلاع ڪوٽڏيجي پوليس کي ڏنو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي سرڪاري پيراڍو ذريعي گهر ڌڻين سان گڏجي پيرا کيا جيڪو ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ مھراڻو بڙدي پھتا جتان پوليس شڪ جي بنياد تي ٻه گرفتار ڪري ورتا آهي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پوليس موجب شڪ جي بنياد تي ٻه ماڻهو گرفتار ڪيا آهن وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.