پکي ۾مبينا پوليس مقابلو، چور 2 مينهون ڇڏي فرار

پکو (ن ع آ) پکو لڳ چورن ٻه ڀلوڙ مينھون چورائڻ جي ڪوشش ڪئي , پوليس ۽ چورن ۾ دوبدو مقابلي بعد چور مينھون ڇڏي فرار ٿي ويا ان ڏس ۾ رات ديرسان ڳيريلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ واهوچا ۾ ڳوٺاڻي دلبر ڪوري جي گهر ۾ نامعلوم چور داخل ٿي ھٿيارن جي زور تي گهر ڀاتين کي يرغمال ڪري واڙي ۾ بيٺل ٻه ڀلوڙ مينهون ڪاهي فرار ٿيا ته ڳوٺاڻن بروقت اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو جنھن ڳوٺاڻن ۽ پيرين جي مدد سان چورن جو پيڇو ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ ڏيرا ڀرسان ڳوٺ نچراڻي ۾ چورن پوليس کي ڏسي مٿن فائرنگ شروع ڪري ڏني ۽ موٽ ۾ پوليس ۽ ڳوٺاڻن پڻ فائرنگ ڪئي ته چور مينھون ڇڏي فائرنگ ڪندا اونداھي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا , ھوڏانھن پوليس ھٿ ڪيل مينھون مالڪن حوالي ڪري ڇڏيون , ان ڏس ۾ پوليس جو چوڻ آھي ته چورن جو پيڇو ڪندي چورايل مينھون ڇڏائي ورتيون آھن ۽ چوري جي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون ته جنھن ڳوٺ ۾ چورن سان مقابلو ٿيو ان ڳوٺ جي تلاشي ورتي ويندي ٿي سگھي چورن جو تعلق ان ڳوٺ سان ھُجي ۽ واقعي جي جاچ ۾ ڪنھن بيگناھ کي نه ناحق گرفتار نه ڪيو ويندو , ھوڏانھن پوليس جي ترت ڪاروائي ڪري مينھون ڇڏائڻ واري عمل تي علائقي واسين پوليس جي ساراھ ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.