ڦلجي ۾ هفتي ۾ ٽي چوريون، شهرين جو پوليس خلاف احتجاج

ڦلجي اسٽيشن ( رپورٽ: رانا محفوظ )  ڦلجي اسٽيشن شهر ۾ چورين جو آزار وڌي ويو پوليس ا نتظاميا اگھور ننڊ ستل ھڪ هفتي اندر ٽن واپارين جي دڪانن جا تا لا ڀڃي چورين جون وارداتون ٿيڻ خلاف شهرين جو  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ڱذريل رات ڦلجي شهر جي ڏاوڇ روڊ واقع واپاري نظام الدين عباسي جي ڪرياني جي دڪان جو در ڀڃي نا معلوم چور دڪان ۾ رکيل ھزاين روپين جو سامان ۽ روڪ رقم چوري ڪري فرار ٿي ويا ان موقعي تي شھر جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن لالا ظهير سومرو زاھد مري ۽ واپاري نظام الدين عباسي احتجاج ڪندي چيو ته پوليس  جي نا اهلي سبب شهر ۾ چورين جو آزار وڌي ويو آهي ھڪ ھفتي اندر ٽي چورين جو ن وارداتون ٿيو ن آهن شھر ۾ پوليس جو گشت نه ھجڻ ڪري بدامني اضافو ٿيو آهي چورين جون روز جو معمول بڻجي ويو آھن پر پوليس انتظاميا اڃان تائين ڪنھن جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته شھر ۾ پوليس جو گشت وڌائي ڏوھارين خلاف آپريشن شروع ڪيو وڃي ته جيئن شھر مان بدامني ۽ ڇورين جو آزار ختم ٿي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.