بٺوري ۾بدامني چوٽ چڙهيل، پي ٽي آءِ جو احتجاج

ميرپور بٺورو (رپورٽ : شوڪت سومرو ) پي ٽي آءِ طرفان ضلعي جنرل سيڪريٽري لالا دانش ديدار, شاھجھان لنڊ, مير باگو چانڊيو,سليمان لنڊ,  توفيق مگسي, اشرف جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بٺورو تعلقي ۾ بدامني, منشيات ۽ شھر ۾ صفائي نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب صوفي شاھ عنايت اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري منشيات, بدامني ۽ شھر ۾ صفائي نه ٿيڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي, ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته تعلقي بٺورو جي ننڍي وڏي شھر ۽ ڳوٺن ۾ چوري جون وارداتون ۽ منشيات سري عام ھلي رھيون آھن ڪنهن ماڻھو جي موٽر سائيڪل سلامت نٿي رھي چوپائي مال جي چورين ۾ پڻ وڏو اضافو ٿي چڪو آھي عام ماڻھو سج لٿي کان پوء گھر وڃي نٿو سگھي ھنن چيو ته منشيات شھر ۽ ٻھراڙين ۾ سري عام ھلي رھي آھي پر انتظاميا مڪمل خاموش تماشائي بڻيل آھي پوليس منشيات خورن ڦورن کان منٿليون وٺڻ ۾ پوري آھي ھنن وڌيڪ چيو تعلقي ۾ ڪروڙين روپيا بجيٽ اچي رھي آھي پر شھر گندگي جو ڍير بڻجي چڪو آھي آخر ۾ ھنن مطالبو ڪندي چيو ته پوليس ۽ ٽائون  انتظاميا تحرڪ وٺي منشيات, بدامني ۽ ايندڙ بجيٽ ۾ ڪرپشن ختم ڪري ملوث ڪردارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.