ليز وارو جهاز ٻاهرين ملڪ موڪلڻ تي پي آءِ اي آفيسرن خلاف جاچ شروع

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملائيشيا ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز جو جهاز تحويل ۾ وٺڻ جي معاملي جي جاچ شروع ٿي وئي.

پي آءِ اي جي مارڪيٽنگ شعبي، انجنيئرنگ ۽ فلائٽ آپريشن جي ٽن آفيسرن خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

مارڪيٽنگ شعبي، انجنيئرنگ، فلائٽ آپريشن ۽ ڪوآپريٽو پلاننگ جي شعبن ۾ رڪارڊن جي به ڇنڊ ڇاڻ شروع ڪئي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي کي ملائيشيا مان مسافرن جي واپسي لاءِ هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ خرچ برداشت ڪرڻو پيو، جڏهن ته 12 بوئنگ 777 جهاز هجڻ باوجود ليز تي حاصل جهاز کي ٻاهرين ملڪ موڪليو ويو.

يورپ ۽ برطانيا جو فضائي آپريشن به ڪيترن ئي مهينن کان بند آهي ۽ ڪنهن جهاز بابت ڪيس ٿيڻ تي ان کي پنهنجي ملڪ ۾ ئي آپريٽ ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته پي آءِ اي وٽ ٻه ليز جهاز اهڙا آهن، جن کي واپس نه ڪيو ويو هو.

هوڏانهن اسلام آباد پهچندڙ مسافرن دانهون ڪندي چيو آهي ته کين متبادل فلائٽ جو بندوبست ٿيڻ تائين نه کاڌو ڏنو ويو ۽ نه هوٽل ۾ رهائش ملي.

واضح رهي ته تازو پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 894 اسلام آباد کان ڪوالالمپور پهتي هئي ته ان کي اتي ئي ليز جي عدم ادائيگي تي عدالتي حڪم ذريعي روڪيو ويو هو، پوءِ مسافرن کي جهاز مان لاٿو ويو.

پي آءِ اي ليز تي ڏنل جهاز جو ڪرايو نه ڀريو ۽ ان ئي جهاز کي انٽرنيشنل فلائٽ تي ملائيشيا موڪلي ڇڏيو هو.

پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز 2015 ۾ بوئنگ 777 جهاز ويٽنام جي ڪمپني کان ليز تي حاصل ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.