نيب سليم مانڊوي والا ۽ اعجاز هارون بابت تفصيل پيش ڪري ڇڏيا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا ۽ اعجاز هارون جي ڪيس بابت به تفصيل پيش ڪري ڇڏيا.

نيب ترجمان موجب ڪراچي ۾ ڪڊني هل ايريا جي زمين پبلڪ پارڪ لاءِ هئي، جنهن جو اوور سيز سوسائٽي ڪراچي ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيز يونين کان ڪنٽرول ورتو.

ترجمان ٻڌايو ته اعجاز هارون اوور سيز سوسائٽي جي 12 جي پلاٽن جي مختلف ٺيڪيدارن جي نالي غير قانوني الاٽمينٽ ڪئي ۽ پراڻي تاريخن ۾ اوپن ٽرانسفر ليٽر سان ملڪيت جو انتظام ڪيو، جڏهن ته سليم مانڊوي والا ۽ اعجاز هارون اومني گروپ جي عبدالغني مجيد سان ملڪيت جو معاهدو ڪيو.

ترجمان دعويٰ ڪئي ته جعلي بئنڪ اڪائونٽس مان 144 ملين رپيا وصول ڪيا ويا، جن ۾ اعجاز هارون ۽ سليم مانڊوي والا جي ان عمل ۾ حصو ترتيبوار 80 ملين ۽ 64.5 ملين رپيا هو.

ترجمان موجب اعجاز هارون ٽيڪس گوشوارن ۾ ترميم ڪري حقيقتون مَٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سليم مانڊوي والا کي موڪليل مبينا رقم کي قرض جو رنگ ڏنو ويو.

ترجمان چيو ته نيب مقرر وقت تي قانون موجب ڪيس احتساب عدالت اسلام آباد ۾ پيش ڪندو، نيب ڪنهن سياسي جماعت، گروهه يا فرد سان ڪو واسطو نٿو رکي، نيب جي وابستگي رڳو رياست سان آهي.

ترجمان موجب نيب شفاف ۽ منصباڻي ڪمن ۾ ڪنهن جي پروپئگنڊا مهم اڳيان ڪنڌ نه جهڪائيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.