ميهڙ واقعي کي 3 سال مڪمل، ام رباب جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي

 

ميهڙ (ويب ڊيسڪ) ميهڙ واقعي کي 3 سال مڪمل ٿيڻ تي اُمِ رباب چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ميهڙ جي مقتولن جي ٽين ورسي جي موقعي تي اُمِ رباب چانڊيو، ستار سرڪي، پرويز چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تمندار هائوس کان گھنٽا گهر چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شريڪ ماڻهن قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي ام رباب چيو ته پ پ جوابدارن جي پٺڀرائي رهي آهي، سردار ڪجهه ماڻھو تيار ڪري رهيا آهن، جيڪي اسان جي زمينن تي قبضا ڪرڻ چاهين ٿا، اسان پرامن آهيون.

هن چيو ته سردار پاڻ کي زمين جا خدا سڏرائين ٿا پر اسان کين نه ڇڏينداسن، اسان جي ڪيس ۾ گهربل جوابدار گرفتار نه پيا ٿين، عوام ساٿ ڏئي، سرداري نظام جي خاتمي تامين جدوجهد جاري رهندي.

ام رباب آءِ جي سنڌ کان جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته هاڻ وڌيڪ ظلم برداشت نه ڪنداسين، جوبدارن جي گرفتاري لاءِ سپريم ڪورٽ آڏو ڌرڻو هڻنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.