ڪرپشن الزام: نيتن ياهو خلاف سوين اسرائيلي شهري روڊن تي نڪري آيا

 

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو خلاف ڪرپشن الزامن تي سوين شهرين سندس سرڪاري رهائشگاهه اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

يروشلم ۾ شهرين جي وڏي انگ سخت سيءَ باوجود ڇنڇر جي رات کان وٺي آچر جي صبح تائين احتجاج جاري رکيو ۽ وزيراعظم کان ڪرپشن الزامن تي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو.

واضح رهي ته نيتن ياهو خلاف اهڙا احتجاجي مظاهرا گذريل 7 مهينن کان به وڌيڪ عرصي کان جاري آهن.

اسرائيلي وزيراعظم تي فراڊ ۽ رشوت جي ٽن واقعن ۾ باقاعدي طور فرد جرم لاڳو آهي پر هو پنهنجي الزامن جي ترديد ڪندو رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.