بوزدار وڏا: ٽائون انتظاميا جي نااهليءَ سبب شهر گندگي جي ور چڙهيل، رهواسي پريشان

بوزدار وڏا شهر   ٽائون ڪاميٽي انتظاميا جي نااهلي سبب گند جي ڍير بڻجي ويو.

شهر جي محلن ۾  گندو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سبب رهواسي مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن جڏهن ته گندگي سبب جر جو مٺو پاڻي به کارو ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي جنهن سبب رهواسي سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

بوزدار وڏا جي رهواسين  عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته محلن ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري اسان جا معصوم ٻارڙا بزرگ عورتون توڙي مرد ٽائيفائيڊ گڙدن چمڙي ۽ گيسٽرو جهڙين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ڪيترائي ڀيرا ٽائون ڪاميٽي بوزدار وڏا جي ٽائون آفيسر اڳيان شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪو به تدارڪ ناهي ٿي سگھيو.اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته نوٽيس وٺي گندو پاڻي نيڪال ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.