وفاق جي سنڌ سان تعصباڻي رويي جي عوام کي خبر آهي: مراد علي شاهه

 

ٺٽو (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاق جو سنڌ سان رويو تعصباڻو آهي، چڱا ڪم پنهنجي کاتي ۽ خاميون سنڌ حڪومت جي نالي ڪري پاڻ کي صاف سٿرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر عوام کي سڀ خبر آهي.

ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته آدمشماري ۾ سنڌ جي ماڻهن سان وڏي ناانصافي ڪئي وئي، رڳو سنڌ نه پر ٻيا صوبا به آدمشماري جي نتيجن تي خدشا ظاهر ڪري رهيا آهن، آدمشماري بابت سي سي آءِ ۾  بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي به  اعتراض واريو آهي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ جي فارين فنڊنگ واري معاملي تي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن کي آئون ته نٿو چئي سگھان پر رڳو هڪ طرفو  احتساب نه ٿيڻ گھرجي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ سدائين پ پ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ پ پ ئي ملڪ جي نمائندگي ڪندڙ پارٽي آهي، ڪورونا وائرس جهڙي وبا خطرناڪ ضرور آهي پر ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ اسان جي وس ۾ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.