مانجهند: جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 117 هين سالگرهه ملهائي وئي

سن ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي پاران  جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 117 هين سالگره ملهائي وئي.

ايس يو پي سربراه سيد جلال محمود شاه، سيد زين شاه، سينٽر عثمان ڪاڪڙ، پير خليل جان سرهندي  ۽ ٻين گڏجي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽي سائين جي ايم سيد کي ڀيٽا پيش ڪئي. جڏهن ته جلسي ۾ عورتن ٻارڙن سميت وڏي تعداد ۾ عوام شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي  ايس يو پي سينئر نائب صدر پير خليل جان سرهندي، يونس بهنوري  ، جگديش آھوجا،  شيبا مغل۽ ٻين  چيو ته سائين جي ايم سيد منتشر قبيلن ۾ ورهايل سنڌي قوم کي گڏ ڪيو ادب مصوري ڪاڇي ٿر ڍورن ڍنڍن سان محبت سيکاري ترقي آزادي امن جو رستو ڏيکاريو مذھبي انتهاپسندي سيد جي ڏسيل واٽ تي عمل نه ڪرڻ سبب ٿي آھي،

هنن چيو ته  سيد مقصد کي مشعل راه بڻائي سائين جي ايم سيد جي سالگره تي بلوچ ۽ پختون قيادت جي شرڪت  تي ڏاڍي خوشي ٿي سائين جي ايم سيد ۽ باچا خان به   مظلوم محڪوم قومن لاء سوچيو.

سندن وڌيڪ چوڻ هو ته سيد جي ڏنل شعور سبب ڪنهن کي به همٿ ناهي جو سنڌ ڌرتي ڏي  ميري اک کڻي ڏسي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.