ميروخان ڀرسان اڻڄاتل شخص جو سڙيل لاش هٿ

ميروخان ڀرسان ڳوٺ گل محمد چانڊيو ۾ اڻڄاتل  شخص جو سڙيل لاش هٿ آيو آهي.

رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي ميروخان بشير احمد شر ٻڌايو ته درگاهه غريب شاهه وٽان جهوپڙي مان هٿ آيل  لاش سڙي ڪوئلو ٿي ويو آهي جنهن ڪري لاش جي سڃاڻپ ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

هن چيو ته جاچ ڪري رهيا آهيون ته  نامعلوم شخص کي باهه ڏئي ساڙيو ويو آهي يا جهوپڙي کي باهه لڳڻ سبب واقعو پيش آيوآهي .لاش کي  تعلقه اسپتال ميروخان پهچايو آهي جڏهن ته  سڃاڻپ هن وقت تائين ناهي ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.