قاضي احمد ڀرسان روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 5 زخمي

قاضي احمد ڀرسان ڄام ڪاٽن فيڪٽري آڏو  قومي شاھراھ تي ڪوهيڙي سبب ڪيتريون گاڏيون هڪ ٻئي پٺيان ٽڪرائجي ويون جنهن جي نتيجي ۾  ھڪ ڄڻو فوت جڏهن ته  5  ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن.

حادثي ۾ طارق حسين ڏاھري فوت ٿي ويو جڏھن ته محمد يامين لاکو.محمد مٺل سولنگي .نظير احمد چانڊيو. عاشق خاصخيلي ۽ وجاھد علي عمراڻي سخت زخمي ٿي پيا آهن.

طلاع تي موٽري وي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمين کي قاضي احمد اسپتال منتقل ڪيو جتي نظير احمد چانڊيو ۽ يامين لاکو جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين نواب شاھ نيو ويو آھي .

جڏھن ته فوتي طارق حسين ڳوٺ مقيم ڏاھري جو رھواسي ٻڌايو پيو وڃي..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.