پاڪ فوج دنيا جي 10 طاقتور ترين فوجن ۾ شامل

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي سطح تي فوجن جي صلاحيت ۽ ڪارڪردگي جي اعتبار سان جاري ٿيندڙ درجي بندي ۾ پاڪ فوج ٽاپ ٽين ۾ شامل ٿي وئي آهي.

دنيا جي طاقتور فوجن جي 2021 جي رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن جي ٽاپ ٽين ۾ پاڪ فوج پڻ شامل آهي.

فوجن بابت جاري ٿيندڙ گلوبل فائر پاور جي رينڪنگ ۾ پاڪ فوج جو ڏهون نمبر آهي، ان کان اڳ پاڪ فوج جي رينڪنگ 15 هئي.

رينڪنگ جو بنياد 50 کان وڌيڪ فيڪٽرز کي نظر ۾ رکي ڪيو ويندو آهي، انهن فيڪٽرز ۾ ملٽري ڪاٿي کان وٺي ملڪ جي فنانشل پوزيشن، جاگرافيائي حيثيت جهڙا عمل شامل آهن.

فوجي لحاظ سان طاقتور ملڪن ۾ آمريڪا جو پهريون، روس جو ٻيو، چين جو ٽيون، ڀارت جو چوٿون، جاپان جو پنجون نمبر آهي.

درجي بندي ۾ مختلف شعبن بابت فراهم ڪيل تفصيلن موجب پاڪستان ۾ فوج جي افرادي قوت 6 لک 54 هزار آهي ۽ ان اعتبار سان پاڪستان دنيا ۾ ڇهين نمبر تي آهي.

رينڪنگ لاءِ جاري ڪيل تفصيلن موجب پاڪ فوج مالي وسيلن ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کان پوئتي هجڻ باوجود صلاحيتن ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي دنيا جي ٽاپ ٽين ملڪن ۾ شامل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.