ويانا (ويب ڊيسڪ) آسٽريا ۾ ڪورونا پابندين خلاف هزارين شهري روڊن تي نڪري آيا.
آسٽريا جي تخت گاهه ويانا ۾ تقريبن 10 هزار شهرين ڪورونا وائرس سبب لاڳو ڪيل پابندين خلاف احتجاجي مظاهري ۾ حصو ورتو.
احتجاج دوران ماڻهن ماسڪ نه پاتو ۽ حڪومتي هدايتن جي ابتڙ هڪٻئي سان سماجي وِٿي رکڻ جي ضابطن جي به ڀڃڪڙي ڪئي.
هزارين ماڻهن جي ان احتجاج ۾ اڳوڻي نائب چانسلر هائنز ڪرسٽيان شٽراخي به شرڪت ڪئي ۽ اهي چانسلر سباستيان ڪرس جي حڪومت کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيا هئا.
واضح رهي ته آسٽريا ۾ هن وقت سخت لاڪ ڊائون لاڳو آهي، جنهن جو مدو 24 جنوري تي پورو ٿيڻو هو پر اڄ ئي چانسلر ڪرس جي حڪومت ان جي مدي ۾ 8 فيبروري تائين واڌ ڪئي آهي.
آسٽريا ۾ ڪورونا وبا سبب هيل تائين تقريبن 7 هزار ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.