ڊونلڊ ٽرمپ ”ملاله ايجوڪيشن ايڪٽ“ تي صحيحون ڪري ڇڏيون

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان جي نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي جي نالي تي ”ملاله ايجوڪيشن ايڪٽ“ تي صحيحون ڪري ڇڏيون.

آمريڪي نمائندن جي ايوان اهو بل گذريل سال مارچ ۾ ئي منظور ڪري ڇڏيو هو پر هلندڙ مهيني جي منڍ ۾ ان کي سينيٽ مان به منظوري ملي وئي.

پوءِ اسڪالرشپ بل کي حتمي منظوري لاءِ صدر ٽرمپ کي موڪليو ويو هو، جنهن هاڻ ان ايڪٽ تي صحيحون ڪري ڇڏيون.

وائيٽ هائوس جي پڌرائيءَ موجب قانون تحت اعليٰ تعليم جي اسڪالرشپ پروگرام ۾ 50 سيڪڙو تعليمي وظيفا پاڪستاني عورتن کي ملندا.

واضح رهي ته پاڪستان جي ملاله يوسفزئي هيل تائين امن جو نوبل انعام، سخاروف ۽ ورلڊ چلڊرين پرائز سميت 40 کان وڌيڪ عالمي اعزاز حاصل ڪري چڪي آهي.

ملاله يوسفزئي پاڻ تي ٿيندڙ حملي کانپوءِ برطانيا ۾ ٿي رهي ۽ اتي ئي پنهنجي تعليم حاصل ڪري رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.