عمرڪوٽ جي تڪ 52 تي سڀاڻي دنگل، انتظام مڪمل

عمرڪوٽ(رپورٽ:الياس ٿري)عمرڪوٽ جي صوبائي تڪ پي ايس 52 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ تي سڀاڻي وڏو دنگل انتظام مڪمل ارباب جي شڪايت تي پ پ حامي ھجڻ جي الزام ھيٺ آيل 52 پرزائيڊنگ ۽ اسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر ھٽايا ويا سيڪيورٽي ھاء الرٽ پوليس ۽ رينجرز مقرر ڪمشنر ۽ ڊي آء جي ميرپورخاص عمرڪوٽ پھتا اجلاس تفصيلي بريفنگ اميدوارن جون آخري ريليون ميڙاڪا جلوس ۽ پيادل ورڪ چونڊ مھم رات 12 وڳي ختم تفصيلي رپورٽ موجب عمرڪوٽ جي صوبائي تڪ پي ايس 52 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ تي سڀاڻي 18 جنوري تي وڏو دنگل ٿيڻ لاء انتظام مڪمل ڪيا ويا آھن مليل ڄاڻ موجب جي ڊي اي اميدوار ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي شڪايت تي اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺندي پ پ حامي ھجڻ جي الزام ھيٺ آيل 52 پرزائيڊنگ ۽ اسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسرن کي ھٽائي ڇڏيو آھي سندن جاء تي ھنگامي بنيادن تي ضلعي ۾ موجود ٻين آفيسرن کي فون تي طلب ڪري کين ھڪ ڏينھن واري ايمرجنسي ٽريننگ ڏياري سندن جاء تي پرزائيڊننگ ۽ اسٽنٽ پرزائيڊننگ آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آھم جن کي ڊيوٽين تان ھٽايو ويو آھي تن ۾ پروفيسر نجم سومرو پروفيسر عبدالرئوف سومرو محمد امين سومرو محمد يوسف سومرو امان الله سومرو اشفاق احمد ڪنڀر جوکيو شھزاد ڪنڀر سميت ڪل 53 ماڻھو شامل آھن ھٽايلن ۾ 31 پرزائيڊنگ ۽ 20 اسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر شامل آھن ان سلسلي ۾ ھڪ اسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر طور ٽرينگ ڪندڙ ٻڌايو ته کين اليڪشن ڊيوٽي تان جواب مليو آھي چون ٿا ته ارباب غلام رحيم اعتراض ڪيا ھئا ھوڏانھن ڊپٽي ڪمشنر نديم الرحمان ميمڻ چيو ته ان بابت اليڪشن ڪميشن ئي ٻڌائي سگھي ٿي سندس جو ان معاملي سان ڪو تعلق ناھي . جڏھن ته آر او عمرڪوٽ سيد عامر عباس شاھ رابطو ڪرڻ تي ڪجھ به ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته ھو ان بابت ڪجھ نٿو چئي سگھي جڏھن ته پي ايس 52 تي سيڪيورٽي کي ھاء الرٽ  ڪري پوليس ۽ رينجرز کي مقرر ڪيو ويو آھي ڪالھ ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ ۽ ڊي آء جي ميرپورخاص ذوالفقار لاڙڪ عمرڪوٽ پھچي اجلاس منعقد ڪري ڊي سي ۽ اليڪشن عملي عمرڪوٽ کان تفصيلي بريفنگ ورتي ڪالھ جي ڊي اي اميدوار ارباب غلام رحيم ھڪ وڏي ريلي ڪڍي چونڊ تڪ جو دورو ڪيو ۽ آخري پاور شو ڪيو جڏھن ته پ پ اميدوار سيد امير علي شاھ حامين سان گڏجي عمرڪوٽ شھر ۾ پيادل ورڪ ڪيو ساڳئي وقت ڀيل اتحاد جي لال ڀيل ڪولھي اتحاد جي اميدوار پھلاج ڪولھي به پيادل ورڪ ڪيو اميدوارن جون آخري ريليون ميڙاڪا جلوس ۽ پيادل ورڪ چونڊ مھم رات 12 وڳي ختم ٿي وئي آھي سڀائي 18 جنوري تي پولنگ ٿيندي

پي ايس 52 جي حساس پولنگس تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون  لڳايون ويون

عمرڪوٽ: پي ايس 52 عمرڪوٽ جي ضمني اليڪشن جا تمام  انتظام مڪمل  ڪيا ويا آهن جنهن ۾ هڪ لک  53 هزار  9 سئو 35 ووٽر پنهنجو حق  استعمال ڪندا جنهن لاءِ 128 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن حساس پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون  لڳايون ويون آهن

عمرڪوٽ ۾ ننڍي چونڊ لاءِ پوليس جا 1400 اھلڪار ۽ 8ڊي ايس پيز مقرر ھوندا

عمرڪوٽ:عمرڪوٽ جي پي ايس 52 جي اليڪشن دوران سيڪيورٽي تي ميرپورخاص پوليس رينج جا ڪل 1400 پوليس اھلڪار ۽ 08 ڊي ايس پي مقرر ھوندا جڏھن ته انھنن جي ڪمانڊنگ ايس ايس پي عمرڪوٽ ڪندو ساڳئي وقت ھر پولينگ اسٽيشن تي رينجرز جا چار اھلڪار موجود ھوندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.