پني عاقل مان ڏوهاري فرار ٿيڻ تي اي ايس آءِ گرفتار

پنوعاقل (ن ع آ) گذريل ڏينھن سانگي ٿاڻي جي حد ۾ ڦر چوري ۽ ڏوھن ۾ گرفتار ٿيل سجاد جتوئي جنھن کي سانگي پوليس جو اي  ايس آءِ سونھارو بلو ۽ پي سي عباس ٻرڙو سکر سينٽر جيل ڏانھون کڻي وڃي رھيا ھئا ته سانگي ۽ روھڙي جي وچ واري علائقي ۾ ھوٽل تي ماني کائڻ دوران جوابدار ھٿڪڙي سميت ڀڄي فرار ٿي وڃڻ کانپوءِ ايس ايس پي سکر عرفان سمون جي حڪم تي ڊيوٽي ۾ غفلت ڪندڙ پوليس اھلڪارن کي سانگي ٿاڻي تي لاڪب ڪيو ويو ۽ رات جو دير سان قيدي ڀڄائڻ جي ٽنھي ڄڻن تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي،ڇنڇر ڏينھن صبح جو پنوعاقل جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ دوران ضمانت ڪرائي وئي،ھوڏانھون پوليس پارٽيون ڏوھاري سجاد جتوئي کي ھٿ ڪرڻ لاءِ مختلف علائقن ۾ رواني.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.