ميهڙ ۾ عوامي تحريڪ طرفان بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو

ميھڙ (ت ر)عوامي تحريڪ تعلقي ميهڙ طرفان ڪالهه پندرهين ڏينهن به شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف عوامي تحريڪ تعلقي صدر ايڊووڪيٽ مشتاق چانڊيو، ايڊووڪيٽ نجيب مهيسر، ايڊووڪيٽ ذوالفقار  چانڊيو، ايڊووڪيٽ منصور چانڊيو، ايڊووڪيٽ فياض حيدر شيخ، ايڊووڪيٽ عبدالخالق ٻگهيو، ايڊووڪيٽ داد محمد مگسي، ايڊووڪيٽ زين العابدين چانڊيو، ايڊووڪيٽ صدام حسين گلال، رستم علي سرگاڻي، شفيق احمد خاصخيلي، آيتﷲ چانڊيو، صحبت علي چانڊيو، اعجاز علي مهيسر، امتياز علي سيال، صدام علي گاڏهي، ابوذر ٻگهيو، احسان علي ڏيپر، فرحان علي چانڊيو، الطاف علي مھيسر، مير محمد مگسي، حَسنين رضا ٻگهيو، عابد علي ٻگهيو، شفيق احمد مهيسر، پي ٽي آءِ اڳواڻ محمد ايوب کوسو، سرفراز علي مهيسر، جاويد علي منگي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج جاري، امن ڏيو يا استعيفا ڏيو، ڦرون ڌاڙا نامنظور، شهري ڦرائڻ، شهري آزارڻ بند ڪريو، بند ڪريو، ٿاڻن تي ڀاٿاريون نامنظور نامنظور، ايس ايس پي دادو ۽ ايس ايڇ او ميهڙ هٽايو دادو ۽ ميھڙ بچايو جا زوردار نعرہ، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ايس ايس پي دادو سميت ميھڙ تعلقي جي سموري انتظاميا شهرين کي امن امان ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي ڪوبه ڏوهاري گرفتار ناهي ٿيو ميهڙ انتظاميہ شھر واسين کي بي يارو مددگار بڻائي ڇڏيو آهي، ڦرون ڌاڙا ۽ چوريون روزانو جو معمول بڻيل آهن، ڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته ايس ايس پي دادو سميت ايس ايڇ او ميھڙ ۽ ٻين انتظامي غفلت ڪندڙ عملدارن کي فوري طور تي هٽائي ايماندار ۽ فرض شناس آفيسر مقرر ڪري شهرين جي فر ٿيل ملڪيت واپس ڪرائي امن امان بحال ڪرايو وڃي ۽ روپوش ڏهاڙين کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.