مبارڪپور لڳ ڪئنال ۾ٻڏل نينگر جو لاش نه مليو، مدد جي اپيل

مبارڪپور (رپورٽ : علي رضا ڀٽو) مبارڪپور ويجهو بيگاري ڪئنال ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل ڳوٺ محمد عظيم اوٺو جي رهواسي پورهيت  عابد حسين اوٺو جي ست ورهين جي معصوم نينگر ابرار احمد جو لاش 3 ڏينهن گذرڻ باوجود نه ملي سگهيو آهي وارثن پاران ڳولا جاري آهي.  ضلعي جيڪب آباد انتطاميا ڪنهن به  قسم جي ڪا مدد نه ڪئي آهي فوتي نينگر جا وارث پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳولا ۾ مصروف آهن ڪالھ ڊي سي شڪارپور ۽ سماجي سلطان رند جي ڪوششن سان روهڙي کان نيوي جي ٽيم مبارڪپور پهتي نيوي ٽيم جي 20 ڪلاڪن جي ڪوششن باوجود لاش هٿ نه اچي سگهيو هو،هوڏانهن معصوم نينگر جون وارث عورتون بيگاري ڪئنال جي ڪپرن مٿان قرآن پاڪ جهلي بيٺل آهن.  نينگر جي گهر ۾ روڄ راڙو پڻ جاري آهي،جڏهن ته اطلاع ملڻ باوجود ضلعي انتظاميا ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد حفيظ سيال ۽ ٻين لاڳاپيل عملدار فوتي نينگر  جي وارثن جي ڪا به مدد نه ڪئي آهي ۽ نه ئي لاش جي ڳولا ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ڪو پهتو آهي ياد رهي ته  4 ڏينهن اڳ اربع ڏهاڙي معصوم ابرار اوٺو بيگاري ڪئنال جي پراڻي ٽٽل پل ڪراس ڪري رهيو هو ته ڀڳل پل تان پير ترڪڻ ڪري ڪِري پيو هو جنهن جو لاش هن وقت تائين نه ملي سگهيو آهي،فوتي وارثن جو چوڻ هو ضلعي انتظاميا اکيون بند ڪري ويٺل آهي ۽ ڪنهن به قسم جو سهڪار نه ڪيو آهي بي يارو مددگار ويٺل آهيون هنن اپيل ڪندي چيو ته خدارا لاش جي ڳولها ۾ مدد ڪئي وڃي جيئن اسين پنهنجي معصوم ٻارڙي جي لاش جي تدفين ڪري سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.