ٿرڪول بلاڪ ون پورهيتن لاءِ قيدخانو، مزدور تي تشدد، ڌرڻو

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿرڪول بلاڪ ون مقامي پورهيتن لاءِ قيد خانو بڻجي ويو آهي،جنهن سبب اُتي ڪم ڪندڙ هُنڊا ڪمپني سميت ٻيون ڪمپنيون مقامي پورهيتن سان ظلم ڪري رهيون آهن،اُنهي حوالي  سان مليل ڄاڻ موجب ته هڪ مقامي پورهيت پاران گهر وڃڻ جي موڪل گُهرڻ ۽ موڪل نه ملڻ بعد گهر وڃڻ جي ڪوشش دوران پورهيت کي ڪمپني عملدار گرفتار ڪرائي ورتو ۽ سخت وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو،اهڙي واقعي خلاف مختلف ڳوٺن جي ڪم ڪندڙ پورهيتن ڪالھ ڪمپني جي زيادتين خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڇڏي ۽ سمورين پورهيتن بلاڪ ون جي گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي ڇڏيو،جتي ملازم سخت احتجاج ڪري رهيا هئا،مليل رپورٽن موجب ته ڪمپني جي عملدارن ۽ سيڪيورٽي گارڊن پاران هڪ نوجوان تي سخت تشدد ڪندي مارڪٽ پُڻ ڪئي آهي ۽ اُنهي متاثر کي بلاڪ کان ٻاهر نڪرڻ بدران قيد ڪري ڇڏيو آهي،جڏهن ته ڪيترن ئي پورهيتن کي فارغ ڪرڻ جا اطلاع مليا آهن،ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته ٿر سان تعلق رکندڙ ڊرائيورن سميت ڏهاڙي جي مزدوري ڪندڙ نوجوانن کي احتجاج جو جواز ڄاڻائي ڪڍي ڇڏيو آهي،اُهي رات ڌير تائين احتجاج ڪري رهيا هئا،اُنهي سلسلي ۾ احتجاج ڪندڙ ملازمن غلام رسول،ايمان شاھ، الھڏنو، جادم ۽ ٻين چيو ته انتظاميه ڪرونا جو بهانو بڻائي مقامي سوين ملازمن کي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان يرغمال ڪري رکيو آهي،فوتگي تي به ملازمن کي موڪل نٿي ڏني وڃي،هُنڊا ڪمپني جو انچارج وسيم شاھ پنهنجي منپسند ۽ ٻين ضلعن سان تعلق رکندڙ ملازمن کي ڏھ کان پندرهن ڏينهن موڪل ڏيئي ڇڏي ٿو پر مقامي ٿري ڊرائيورن توڙي ٻين پورهيتن کي گهر وڃڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي،گذريل ڏينهن مقامي ملازم غلام رسول وڪيو مجبوري سبب گهر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته سيڪيورٽي وارن انهي کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو،جنهن تي مقامي ملازمن ۾ تاءُ پکڙجي ويو آهي.  ۽ انصاف جو مطالبو ڪرڻ تي انتظاميه چيو ته ڪنهن کي به موڪل ڪونه ملندي اگر ڪو گهرندو ته ان سان به ساڳيو حشر ڪيو ويندو،جنهن ڪري اسان مقامي اڍائي سو کان مٿي ملازمن احتجاجن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڇڏي آهي،ملازم سڀ مين گيٽ تي بيٺل آهن پر سيڪيورٽي انتظاميه ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي،هنن چيو ته اسان کي قيد ڪري رکيو ويو آهي اسان اهڙي نوڪري کان بهتر آهي آزاد ماحول ۾ مزدوري ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،هنن چيو ته ٿري ملازمن سان هڪ سازش تحت ٻٽو معيار رکيو پيو وڃي سائيٽ انچارج وسيم شاھ سازشون ڪري ٿرين سان ظلم ڪري رهيو آهي،جنهن کي فوري طور هٽايو نه ويو تيستائين احتجاج جاري رهندو. بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ پورهيت رات ڌير تائين گيٽ مان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت نه ملڻ تي احتجاج تي ويٺل هئا،جتان نڪرڻ جي اجازت ملڻ شرط پيادل پريس ڪلب پهچڻ لاءِ احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.