بهاري لڳ ڪڪڙن جي ميل تي پوليس جو ڇاپو، 20 جوابدار خلاف ڪيس داخل، هڪ ڄڻو گرفتار

بهارو (ن ع آ)بهاري لڳ ڪڪڙن جي ميل تي پوليس ڇاپو هڻي جواري کي گرفتار ڪري  ورتو آهي انسلسلي ۾ بهارو لڳ ڳوٺ سونو خان ڀٽي ۾ جواري ڪڪڙن جي ميل ڪرائي جوا کيڏي رهيا هيا ته اوچتو بهارو پوليس پهچي ڪري ڇاپو هنيو ۽ پوليس کي ڏسي ڪري سڀني جوارين ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ هڪ جواري مجاهد علي ڪلهوڙو کي پوليس گرفتار ڪري ورتو پوءِ بهارو پوليس سرڪار طرفان اي ايس آءِ سرور کهڙو جي فرياد تي 6 نامزد ۽ 14 اڻسڃاتل ماڻهن خلاف جوا ايڪٽ تحت ايف آءِ  آر داخل ڪري ڇڏي آهي .

کهڙا ويجهو چوري ڪوشش، فائرنگ، گڏهه مري ويو، هڪ شڪي گرفتار

کھڙا (ن ع آ)کھڙا ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ بدامني چوٽ چڙھي ويي چورين ڦرن جو آزار وڌي ويو شھري توڙي ڳوٺاڻا راتيون جاڳي ڪاٽڻ  تي مجبور کهڙا ڀرسان ڳوٺ کبڙي ۾ گذريل رات ديرسان نامعلوم ھٿياربند چور ڳوٺاڻي وريل اڄڻ جي ٻڪرين جي واڙ ۾ گهري ٻڪريون چوري ڪاهي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا ۽ چورن سان مزاحمت ڪئي ڀاڳين جي سجاڳ ٿيڻ تي چورن فائرنگ شروع ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب واڙ ۾ بيٺل ڀلوڙ گڏھ مري ويو اهڙي واقعي کانپوءِ ڳوٺاڻن کهڙا ٿاڻي تي اطلاع ڪيو . کهڙا ٿاڻي جي پوليس، پيراٺو، ،ڳوٺاڻن پاران کوجي ڪتي جي مدد سان چورن جا پيرا کنيا ويا ڪتو چورن جا پيرا کڻي  ڳوٺ فاضل وٽو ۾ ڳوٺاڻي بابلي پنجابي جي گهر ۾ ويهي رهيو کهڙا ٿاڻي جي پوليس شڪ جي بنياد تي هڪ ڄڻو گرفتار ڪري ورتو. جڏھن تھ شھرين ۽ ڳوٺاڻن ايس ايس پي خيرپور کان وڌندڙ بدامني تي ڪنٽرول ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.