سکر ۾ ڪسٽم اختيارين طرفان صحت لاءِ هاڃيڪار ۽ پابندي مڙهيل شين جي ذخيري کي باهه ڏئي ساڙيو ويو 

سکر)رپورٽ؛شفيع محمد ابڙو)  ڪسٽم اختيارين پاران سکر ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر انٽيليجنس اينڊ انويسٽيگيشن سيد محمد  رضا نقوي جي نگرانيءَ ۾ انساني صحت لاءِ هاڃيڪار ۽ پابندي مڙهيل غيرقانوني شين جي وڏي ذخيري کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، جنهن جي ماليات اٽڪل 21 ڪروڙن کان وڌيڪ  ٻڌائي پئي وڃي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سکر ران عديل تصور، ماحوليات، سول ڊفينس، ميونسپل ڪارپوريشن، اينٽي نارڪو ٽڪس فورس، چيمبر آف ڪامرس، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن ۽ نگران ڪميٽي جا ميمبر پڻ موجود هئا. ڪسٽم اختيارين پاران ساڙي تباهه ڪيل سامان ۾ 84950 بيٽل نٽس، 28224 بيگس انڊين گٽڪا، 566 بيگس انڊين نسوار، 33385 ڊنڊا سگريٽ ، شيشا فليور 119 ڊنڊا ، 1750 ڪلوملڪ پائوڊر ايران، 216 ليٽر ويجيٽيبل ڪوڪنگ آئل ايران، 13550 ڪلو پوپي سيڊس 3000 ڪلو گرام ايراني کارڪون، رليف ٽيبليٽ انڊين موٽر آئل 26600 ليٽر، ڊيزل 20310 ليٽر،ڪيبل آف ڪاپر وائرس30000 ڪلو گرام ۽ ٻيون غيرقانوني ۽ منع ٿيل شيون شامل هيون.  ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڊائريڪٽوريٽ سکر سيد محمد رضا  ٻڌايو ته 26 جنوري تي سڄي دنيا ۾ ڪسٽم جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي.

 

 

اڄوڪي ڪارروائي ان سلسلي جي ڪڙي آهي، جنهن جو مقصد معاشري کي انساني صحت لاءِ هاڃيڪار شين ۽ منشيات کان پاڪ رکڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومتي ادارا غيرقانوني شين جي اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ سرگرم آهن، هڪ سال دوران هٿ ڪيل شيون ساڙيون ويون آهن جنهن جي ماليت اٽڪل 21  روپين کان وڌيڪ ٿئي ٿي. جڏهن ته ٻارڙن لاءِ غيرقانوني طور امپورٽ ٿي ايندڙ چاڪليٽ پڻ صحت لاءِ هاڃيڪار آهي جنهن کي وڏي تعداد ۾ تباهه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سموري سامان کي قانوني ۽ ضابطي جون گهرجون پوريون ڪرڻ بعد ڪميٽي جي نگراني ۾ ساڙيو پيو وڃي. هن چيو ته مستقبل ۾ به غيرقانوني شين خلاف ڪارروايون جاري رهنديون. واضح رهي ته ساڙي تباهه ڪيل سامان ۽ غيرقانوني شيون ڪسٽم ۽ ڪسٽم انٽيليجنس پاران گڏيل طور تي هٿ ڪيون ويون هيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.