پاڪستان ۾ برطانوي ڪورونا ويڪسين جي هنگامي استعمال جي اجازت

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) رجسٽريشن بورڊ ملڪ ۾ برطانوي ڪورونا ويڪسين جي هنگامي استعمال جي اجازت ڏئي ڇڏي.

ذريعن موجب منظوري ملڻ تي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۽ برطانوي سوئيڊش دواساز اداري ”آسٽرازينيڪا“ جي ويڪسين کي پاڪستان ۾ درآمد ۽ استعمال ڪري سگهبو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته برطانوي ڪورونا ويڪسين جي استعمال جي اجازت پاڪستاني نجي ڪمپني گهري هئي، ڪراچي جي هڪ فارما ڪمپني آسٽرازينيڪا جي ڪورونا ويڪسين درآمد ڪندي.

ذريعن موجب درآمد ٿيندڙ ويڪسين جي قيمت حڪومت طئي ڪندي، ان کانسواءِ ايندڙ ڊريپ بورڊ اجلاس ۾ چين جي سائنوفارم ويڪسين جي درآمد جي اجازت جو به امڪان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.