ڪوئيٽا ۾ ڌماڪو، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا

 

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ هڪ ٽائم ڊوائس ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب ڪوئيٽا جي علائقي نيو سرياب ۾ پيٽرول پمپ ڀرسان هڪ ڪچري جي دٻي ۾ ان وقت ڌماڪو ٿيو، جڏهن اتان لوڪل بس گذري رهي هئي.

ڌماڪي سبب بس کي جزوي نقصان پهتو ۽ ڌماڪيدار مادو لڳڻ سان بس جو ڪنڊيڪٽر محمد سليم ۽ هڪ مسافر اڪبر زخمي ٿي پيا.

زخمين کي طبي امداد لاءِ سول اسپتال نيو ويو، جتي ٻنهي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پوليس موجب ڌماڪو ٽائم ڊوائس جو هو، جنهن ۾ 5 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.