جنهن ڇوڪريءَ کي چاهيندو هيس، اها گهڻو عرصو اڳ ڏاڏي بڻجي وئي: سلمان خان

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ دبنگ اسٽار سلمان خان شادي نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.

55 ورهين جو سلمان خان ڀارتي فلم انڊسٽري جو اڪيلو سپر اسٽار آهي، جنهن اڃا تائين شادي ناهي ڪئي ۽ شادي نه ڪرڻ جا هو مختلف عذر بيان ڪندو رهندو آهي، جنهن تازو شادي نه ڪرڻ جو دلچسپ سبب ٻڌائي ڇڏيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب بگ باس سيزن 13 دوران سلمان خان پنهنجي شو ۾ اداڪار اجي ديوگن ۽ سندس گهرواري اداڪارا ڪاجول کي دعوت ڏني هئي.

شو دوران هڪ گيم کيڏندي سلمان خان چيو ته هڪ ڇوڪري هئي، جنهن کي مان پسند ضرور ڪندو هيس پر ڪڏهن به ان سان محبت جو اظهار نه ڪري سگهيس.

دبنگ اسٽار وڌيڪ چيو ته مان انڪار جي خوف سبب ان ڇوڪريءَ سان ڪڏهن اظهار نه ڪيو ۽ نه شادي جي ڳالهه ڪئي پر اڳتي هلي خبر پئي ته اها به مون کي پسند ڪندي هئي.

سلمان خان موجب مان تقريبن 15، 20 سال اڳ ۾ جڏهن ان ڇوڪريءَ سان مليس ته هوءَ ڏاڏي بڻجي چڪي هئي ۽ هن مون کي چيو ته منهنجا پوٽا توهان جا مداح آهن، توهان جون فلمون شوق سان ڏسندا آهن.

هن چيو ته مون کي شادي نه ڪرڻ جو ڪو ڏُک ناهي، ڇو ته جيڪڏهن مان ان ڇوڪريءَ سان شادي ڪيان ها ته اڄ ڏاڏو هجان ها.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.