اليڪشن ڪميشن سامهون احتجاج، شيخ رشيد اهم اجلاس گهرائي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سامهون پي ڊي ايم جي احتجاج کي ڏسندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد امن امان بابت اجلاس گهرائي ورتو.

اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم طرفان 19 جنوري تي اليڪشن ڪميشن سامهون احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد سومر ڏينهن امن امان بابت اجلاس گهرائي ورتو آهي.

اجلاس ۾ اسلام آباد جو ڪمشنر، آءِ جي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا نمائندا شريڪ ٿيندا، جڏهن ته پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جا آءِ جي پوليس ويڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪندا.

ذريعن موجب اجلاس ۾ اپوزيشن جي احتجاج کي ڏسندي ضروري قدمن تي غور ويچار ڪيو ويندو، اسلام آباد جي داخلي رستن جي سيڪيورٽي جو جائزو ورتو ويندو ۽ ريڊ زون ۾ سيڪيورٽي ۾ واڌ جي حوالي سان حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.