پير جوڳوٺ ۾ معصوم نياڻي مونيڪا لاڙڪ سان زيادتي ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪرڻ خلاف سنڌ عوامي سٿ جي مرڪزي ڊپٽي چيف آرگنائيزر رياض کيمٽيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نادرن باءِ پاس ڀرسان قائم سنڌي وسندي شھباز ڳوٺ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي،ان موقعي تي سنڌ عوامي سٿ جي مرڪزي اڳواڻ رياض کيمٽيو ، سردار واحد ڪلوڙ ، دوست محمد سهتو ۽ ٻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي، خطاب ڪندي اڳواڻن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس آ جي سنڌ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري انصاف ڏنو وڃي .