ڄامشورو: پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ضلعي ڄامشورو جي اهم گڏجاڻي

ڄامشورو ۾ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ضلع ڄامشورو جي گڏجاڻي ضلعي جي نائب صدر مير ميان خان بليدي جي صدارت هيٺ ٿي گذري ، گڏجاڻي  ۾ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ضلع ڄامشورو جي سينئر نائب صدر مير ميان خان بليدي , جنرل سيڪريٽري فقير حق نواز برھماڻي , مير مرتضي’ نائچ , عطا محمد جتوئي ۽ محمد اياز لڪ سميت ٻين  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هيو ته فنڪشنل ليگ عظيم انقلابي شهيد سورھ بادشاھ جي پارٽي آهي جنهن هميشا مظلوم قومن جي حقن لاء قربانيون ڏنيون آهن ,ان موقعي تي فنڪشنل ليگ ضلعي اڳواڻن پاران تعلقي جي چونڊجي آيل جنرل سيڪريٽري عطا محمد جتوئي کي گلن ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.