سانگھڙ ۾چوٽياري ڊيم جي تباه ڪارين خلاف ڳوٺاڻن ۽ آبادگارن پاران مرحليوار تحريڪ جو اعلان ڪيو ويو ، ڊيم سبب زمينون غير آباد ٿيڻ ، سم ۽ ڪلر ۾ واڌ خلاف چوٽياري ڪنزرويشن فورم ۽ علائقي واسين پاران شروعاتي طور تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن خان محمد بگٽي، علي خان منگريو، علي شير جانوري ۽ ٻين چيو ته سانگھڙ ۾ چوٽياري ڊيم ٺاهڻ وقت سروي ڪرائي ويئي ۽ اھو منصوبو جوڙيو ويو ته علائقي کي سم ۽ ڪلر کان بچائڻ لاءِ ھڪ سو وڌيڪ ٽيوب ويل لڳايا ويندا ۽ سم ۽ ڪلر کان بچاء لاءِ اپاءَ ورتا ويندا پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڊيم ٺاهڻ جي ڪجھ عرصي کانپوءِ سمورا ٽيوب ويل خراب ٿي ويا ۽ ڊيم جي ڀرپاسي ھزارين ايڪڙ سم ۽ ڪلر پيدا ٿي ويو آهي
هنن مطالبو ڪيو ته چوٽياري ڊيم جي تباه ڪارين کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ بند پيل ٽيوب ويل جلد ھلائي سم ۽ ڪلر جو خاتمو آندو وڃي