ننڍي کنڊ جي عظيم سياستدان،اديب،ڏاهي صوفي جي ايم سيد جي117هين سالگره

رپورٽ-علي عابد سومرو

جديد سنڌي قومپرستي جو بنياد رکندڙ،عالمي درجو رکندڙ عظيم سياستڪار، اديب ،ڏاهي ۽ صوفي سائين جي ايم سيد جي اڄ 117هين سالگره ملهائي پئي وڃي .

سائين جي ايم سيد جو پورو نالو سيد غلام مرتضيٰ شاهه هو ، هن سن ۾ سيد محمد شاهه جي گهر ۾ 17 جنوري 1904 ع ۾ جنم ورتو . سندس خاندان، ڪاظمي سيدن جي قبيلي مان، سنڌ جي مشهور مٽياري سيدن جي ميان پوٽي پاڙي جي سَنائي شاخ سان تعلق رکندڙ آهي. جي. ايم. سيد، سيد حيدر شاھہ سَنائيءَ جو چوڏهون نمبر سجاده نشين هو.

ننڍي عمر ۾ ئي جي ايم سيد پنهنجي والد جي شفقت کان محروم ٿي ويو، سندس وڏو ڀاءُ سيد احمد شاھہ به لاڏاڻو ڪري وڃڻ کانپوءِ هو گهر جو اڪيلو مرد بچيو جنهن ڪري ننڍي لاءِ ئي سندس شادي ڪرائي وئي.

جي. ايم سيد کي پهرين جولاءِ 1910ع تي پرائمري اسڪول سن ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو، جتي ٻاراڻو پڙهڻ کانپوءِ هن مختلف مدرسن ۾ استادن وٽ سنڌي ۽ عربي جي تعليم پرائي .

سائين جي ايم سيد ننڍپڻ کان وٺي ذهين هجڻ ڪري هن سماج جو ويجهڙائيءَ کان جائزو ورتو ۽ مدي خارج رسمن خلاف ننڍڙي عمر ۾ ئي جاکوڙڻ شروع ڪيو.

جي ايم سيد 15 سالن جي عمر ۾، 1919ع کان پنهنجي سماجي ۽ سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ۽ سن شهر ۾ هڪ سماجي انجمن ’المسلمين‘ نالي قائم ڪري، ڳوٺ ۽ آسپاس ۾ سماجي سُڌارن جا ڪم شروع ڪيا.

جي ايم سيد ويهين صدي جي پهرين ڏهاڪي ۾ سنڌي مسلمانن ۾ سماجي تبديلي وسيلي غربت گهٽائڻ ۽ معاشي انقلاب ڏانهن قدم وڌايو .

هن جاگيرداري ، وڏيرڪي ۽ سرمائيداري سرشتي ۽ انگريزن جي بيٺڪِي راڄ کي سنڌي عوام جي بدحالي جو سبب قرار ڏنو .

سائين جي ايم سيد 1919 ۾ هلندڙ خلافت تحريڪ ۾حصو وٺي پنهنجي سياسي زندگي جي شروعات ڪئي ، هن پنهنجي شروعاتي سياسي ڏهاڙن ۾ سنڌ جي آبادگارن پورهيتن ۽ نياڻين جي حقن لاءِ نه رڳو پاڻ پتوڙيو پر سندن تعليم جهڙي بنيادي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ انهن لاءِ اسڪول کولرائڻ جا انتظام پڻ ڪيا .

سائين جي ايم سيد سنڌ جي عظيم تعليمي درسگاهه سنڌ مدرست الاسلام جي جنرل باڊي ۾ رهي سنڌ جي هن علمي اداري کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ، هن 1930 ع ۾ ميرپورخاص ۾ هارين جي ڪانفرنس ڪوٺائي انهن جي حقن جي جدوجهد شروع ڪئي ان تحريڪ اڳتي هلي حيدر بخش جتوئي جي اڳواڻي ۾ هارين کي حق ڏيارڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي .

سائين جي ايم سيد ساڳي سال مير محمد شاهه سان گڏجي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي درگاهه تي ميلي دوران ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو دستور وڌو جيڪو اڄ به قائم آهي .

سائين جي ايم سيد سنڌ ڌرتي جو اهو عاشق هو جنهن علمي ،ادبي ،سماجي ، سياسي ۽ ٻين حوالن سان هن مٽي ۽ ان جي ماڻهن لاءِ هميشا پاڻ پتوڙيو، اهو ئي سبب آهي جو سندس زندگيءَ جوڳچ عرصو سنڌ جي تقدير بدلائڻ لاءِ ڪيل سياسي جدوجهد ۾ گذريو .

ان مقصد لاءِ هن ڪڏهن ڪانگريس جوائن ڪئي ته ڪڏهن مسلم ليگ جو ميمبر ٿيو ، 1940 ع ۾ هن سنڌ اسيمبليءَ مان مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ پاڪستان لاءِ ٺهراءُ پاس ڪرايو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ملڪ وجود ۾ آيو.

پر هن ملڪ جي ٺهڻ کان ترت ئي پوءِ کيس محسوس ٿيو ته ڪي ڌريون هن ملڪ کي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ نه ٿيون ڏين.

ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ سائين جي ايم سيد اهو اڳواڻ جيڪو پهريون سياسي قيدي بڻيو. 1971 ۾ سائين جي ايم سيد وفاقي سياست کان بلڪل مايوس ٿي ويو ۽ 1973 ع ۾ هن جيئي سنڌ تحريڪ جو بنياد وڌو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سائين جي ايم سيد پنهنجي سياسي نظريي جي ڪري 30 سالن کان وڌيڪ عرصو جيل ۽ نظربندي واري زندگي ۾ گزاريو .

19 جنوري 1992 ع ۾ سائين جي ايم سيد کي سندس گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو ۽ کيس مرڻ گهرڻ تائين ڪيس هلائڻ کان سواءِ ئي گهر ۾ قيد رکيو ويو .اهڙي صورتحال سبب عالمي انساني حقن جي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران کيس ضمير جو قيدي قرار ڏنو ويو هو .

سائين جي ايم سيد سنڌي ٻولي ۽ ادب کي 65 کان وڌيڪ ڪتاب ڏنا، سندس لکڻين جا سنڌي ٻولي ، ثقافت ، سياست ، تصوف ، وحدانيت ، عشق ۽ محبت سميت ڪيترائي موضوع هئا .

هو هڪ صوفي ۽ عارفاڻي مزاج جو ماڻهو هو وٽس عاجزي ۽ انسڪاريءَ جا ڀنڊار هئا ، ڪمال مهمان نوازهو ، سنڌي قومپرستي کي سگهه بخشڻ جو سڄو سارو اعزاز سائين جي ايم سيد ڏانهن وڃي ٿو .

سائين جي ايم سيد اڄ اسان وٽ موجود ناهي پر سندس ڪيل علمي،ادبي ۽ سياسي خدمتون سنڌي قوم کي نوان گسَ ۽ راهون ڏسينديون رهنديون ..

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.