افغان طالبان جي مختلف حملن ۾ 22 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان هرات صوبي ۾ 12 مقامي سيڪيورٽي اهلڪارن کي ماري وڌو.

افغان اختيارين ڇنڇر ڏينهن ٻڌايو ته اهي سپاهي جمعي جي رات کاڌو کائي رهيا هئا ته 3 طالبان انهن تي اوچتو حملو ڪري ڏنو ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جا هٿيار کڻي فرار ٿي ويا.

هوڏانهن جمعي ڏينهن ئي قندوز صوبي ۾ به طالبان جي حملن ۾ 10 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا، جڏهن ته 11 زخمي ٿي پيا هئا.

واضح رهي ته گذريل سال سيپٽمبر ۾ طالبان ۽ آمريڪا وچ ۾ امن معاهدي باوجود افغانستان ۾ پرتشدد ڪارروائيون جاري آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.