بينظير مزدور ڪارڊ جو پائلٽ منصوبو شروع ڪري رهيا آهيون: سعيد غني

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته مزدورن لاءِ سمارٽ ڪارڊ آڻي رهيا آهيون، 6 لک 30 هزار ماڻهن کي ڪارڊ ڏينداسين.

هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سعيد غني چيو ته مزدورن کي جيڪا به سهولت ڏينداسين اها ڪارد ذريعي ملندي، سمارٽ سڃاڻپ ڪارڊ جهڙو ڪارڊ مزدور جو اي ٽي ايم ۽ هيلٿ ڪارڊ به هوندو، روزگار جي فراهمي ۽ مزدورن کي سهولتون صنعتي ترقي سان ئي ممڪن آهن.

هن ٻڌايو ته ايندڙ هفتي کان بينظير مزدور ڪارڊ جاري ڪرڻ جو پائلٽ منصوبو شروع ڪري رهيا آهيون، شروعات ۾ ڪارڊ سيسي ۾ رجسٽرڊ ساڍا 6 لک مزدورن کي جاري ٿيندا ۽ پوءِ مرحلي وار ان ۾ سنڌ جا سمورا مزدور شامل ٿيندا، مزدور پنهنجي رجسٽريشن پاڻ ڪرائيندو.

سندس چوڻ هو ته 18هين ترميم کانپوءِ محنت جو انتظام صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهي، ذلفي بخاري محنت جو وزير ناهي پر اهو قلمدان وزيراعظم وٽ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.