هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي شهادت ماڻيندڙ اڳواڻ فاضل راهو جي 34 هين ورسي

هن ڏيهه جي ڏڪاريل ۽ ڏکايل جهانگيئڙن ۽ سانگيئڙن  جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ اڳواڻ فاضل راهو جي اڄ 34 هين ورسي ملهائي پئي وڃي .

شهيد فاضل راهو  بدين ضلعي جي ڳوٺ راهوڪي ۾ 1934 ع ڌاري احمد خان راهو جي گهر ۾ اکيون کوليون ، فاضل راهو پنهنجي زندگيءَ جا سمورا سال هارين کي انهن جا حق وٺي ڏيڻ ۾ئي گذاري ڇڏيا .

فاضل راهو 1962 ع ۾ مڪاني چونڊن ۾ سوڀ ماڻي ۽ 1965 ع جي آخر ۾ هو ترائي يونين ڪائونسل جو چيئرمين چونڊيو ويو .

سنڌي عوامي تحريڪ جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ فاضل راهو حفيظ قريشي کان پوءِ هن تنظيم جو صدر چونڊيو ويو .

هو سنڌي عوامي تحريڪ جو جنرل سيڪريٽري، عوامي نيشل پارٽي جو نائب صدر ، سنڌي هاري تحريڪ جو صدر ، ايم آر ڊي تحريڪ سنڌ جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ آزاد صحافت تي پابندي خلاف مڙني ماڳن تي سڀني کان اڳڀرو رهيو .

فاضل راهو 1979 ۾ راهوڪي ۾ هارين جي حقن لاءِ هاري ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين هارين شرڪت ڪئي .

فاضل راهو ۽ سندس پٽ صديق راهو کي آڪٽوبر 1979 ع ۾ راهوڪي ۾ پرامن هاري ڪانفرنس ڪوٺائڻ جي ڏوهه ۾ جيل موڪليو ويو .

فاضل راهو سنڌ ۾ ايم آرڊي جي تحريڪ دوران به ڀرپور ڪردار ادا ڪيو  ۽ 1983 ع ۾ هن بدين ۾ هڪ تمام وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي ايم آر ڊي جي تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ جي عزم کي ورجايو .

فاضل راهو ون يونٽ خلاف جدوجهد ،سنڌي ۾ ووٽر لسٽن جي ڇپائي واري هلچل ، ايم آر ڊي تحريڪ ، جيل ڀريو تحريڪ توڙي ضياالحق جي مارشل لا خلاف اڳيان اڳيان رهيو .

هو پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا جيل ويو ، فاضل راهو نارا جيل حيدرآباد ، مچ جيل بلوچستان ، لانڍي جيل ڪراچي ، سينٽرل جيل ڪراچي، ڪوٽ لکپت جيل ، سينٽرل جيل حيدرآباد ، خيرپور ۽ ڊسٽرڪت جيل بدين پڻ ويو.

فاضل راهو جي هارين  جي حقن لاءِ هلايل هلچل وقت جي جابر قوتن کان هضم نه ٿي سگهي نيٺ انهن فاضل راهو کي ان سڄي منظر تان هٽائڻ جو پلان جوڙِي ورتو جنهن تحت کيس 17 جنوري 1987 ع تي گولاڙچي ۽ هاڻوڪي شهيد فاضل راهو شهر ۾ ڪهاڙين جا وار ڪري شهيد ڪيو ويو .

سنڌ  جو هي ارڏو سياستدان ڏيهه جي ڏتڙيل طبقي لاءِ جدوجهد ڪندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي ويو ، هارين لاءِ ڪيل سندس جدوجهد تاريخ ۾ ياد رکي ويندي .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.