سام سنگ جو پهريون 5 ڪيمرائن وارو فليگ شپ فون متعارف

سام سنگ جي فليگ شپ ايس سيريز کي 10 روهين کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي، پر هن سال ڪمپني طرفان نون ڊوائيسز لاءِ ڪيتريون ئي نيون تبديليون ڪيون ويون آهن.

حقيقت ۾ هن ڀيري ايس 21 سيريز جي فون يس الٽرا ۽ ٻيا ورجنز گھڻا مختلف آهن.

هن سال اهو فون   گيليڪسي نوٽ الٽرا جي ٽڪر جو آهي.

گيليڪسي ايس 21 ۽ ايس 21 پلس جي ڀيٽ ۾ ايس 21 الٽرا ۾ فليگ شپ فون آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪجهه اهڙو آهي جيڪو پهريون ڀيرو گيليڪسي جي فونز (خاص ڪري ايس سيريز) جو حصو بڻيو آهي.

ايس 21 سيريز جي ان فليگ شپ فون ۾ 6.8 انچن جي لڳ ڀڳ بيزل ليس اموليڊ ڊسپلي 120 هرٽز جي ريفريش ريٽ سان گڏ ڏني وئي آهي، جڏهن ته ان ۾ گوريلا گلاس وڪٽس پروٽيڪشن تحفظ فراهم ڪيو ويو  آهي.

اڳوڻن فليگ شپ فونز جي ڀيٽ ۾ ايس 21 الٽرا جي اسڪرين 120 هرٽز ريفريش ريٽ سپورٽ فل ايچ ڊي ۽ ڪواڊ ايڇ ڊي ٻنهي ريزولوشنز ۾ فراهم ڪري ٿي.جڏهن ته ان ۾ هڪ اڊاپٽو ريفريش ريٽ ڊسپلي به موجود آهي، جيڪا واڌو ريفريشز جي ضرورت نه هجڻ تي ريفريش ريٽ 10 هرٽز کي گهٽائي ٿي، ته جيئن بيٽري لائيف کي وڌائي سگھجي.

ان فون ۾ ڪنهن به گيليڪسي سيريز جي ڀيٽ ۾ سڀ کان برائيٽ ڊسپلي ڏني وئي آهي.

پهريون ڀيرو ايس سيريز جي ڪنهن فون ۾ ايس پين اسٽائلوس سپورٽ به فراهم ڪئي وئي آهي يا ڪنهن به واڪوم اسٽائلوس کي ان تي استعمال ڪري سگھجي ٿو.

ان فون سان گڏ موجود ايس پين ۾ بيٽري موجود نه آهي تنهنڪري نوٽ سيريز جيان بلوٽوٿ فيچرز جهڙي رموٽ ڪيمرا شٽر ۽ ٻيون شيون ان جو حصو نه آهن.

فون ۾ 12 ۽ 16 جي بي ريم سان گڏ  128، 256 ۽ 512 جي بي اسٽوريج جا آپشنز ڏنا ويا آهن، پر ايس ڊي ڪارڊ سلاٽ موجود نه آهي.

ان فون ۾ سنيپ ڊراگون 888 ۽ ايڪسينوس 2100 پراسيسرز ڏنا ويا آهن، عام طور تي اتر آمريڪا ۾ سنيپ ڊراگون ۽ يورپ ۾ ايڪسينوس پراسيسر وارا فون واهپيدارن کي دستياب هوندا آهن.

اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم کي ڪمپني پنهنجي نئين ون يو آءِ 3 سان ليس ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪجهه خاص فيچرز لڪيل آهن.

فون جي 5000 ايم اي ايڇ بيٽري 25 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي، جيڪا ڪمپني موجب 30 منٽن ۾ بيٽري 5 سيڪڙو چارج ڪري سگھي ٿي.

گيليڪسي ايس 21 ۽ ايس 21 پلس جيان ايس 21 الٽرا ۾ به چارجر باڪس ۾ موجود نه آهي، پر واهپيدار ڪنهن به يو ايس بي پاور ڊليوري چارجر کي استعمال ڪري سگھن ٿا، جڏهن ته وائرليس چارجر به ڪم ڪندو.

اهو به 5 جي فون آهي، جڏهن ته واءِ فاءِ 6 اي سپورٽ پڻ فراهم ڪئي وئي آهي جيڪا 6 گيگا هرٽز بينڊ تي ڪم ڪري ٿي.

اهو سام سنگ جو پهريون فليگ شپ فون اهي جنهن ۾ بيڪ تي 5 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي.

فون جي مين ڪيمرا 108 ميگا پڪسل آهي، جنهن پي اپ گريد ڪيو ويو آهي، جنهن مان ه ڪ10 ميگا پڪسل ۽ ٻي به 10 ميگا پڪسل جي آهي.

فون جون ڪيمرائون 10 ايڪس آپٽيڪل زوم سهولت فراهم ڪن ٿيون جڏهن ته هڪ ڪيمرا 1 ايڪس کان 3 ايڪس لوس ليس ڊجيٽل زوم جي سهولت فراهم ڪري ٿي.

چوٿين ڪيمرا 12 ميگا پڪسل الٽراوائيڊ ڪيمرا آهي جڏهن ته 5 وان ليزر اي ايف سينسر آهي.

اهو سام سنگ جو پهريون فون آهي جنهن ۾ سموريون ڪيمرائون 4ڪي وڊيو 60 فرايم في سيڪنڊ سان رڪارڊ ڪري سگھن ٿيون، جڏهن ته سمورين ڪيمرائن ۾ ڊوئل پڪسل اي ايف ڏنو ويو آهي.

فون جي فرنٽ تي 40 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا پنچ هول ڊزائين ۾ ڏني وئي آهي.

قيمت جي لحاظ سان اها گذريل سال جي ايس 20 الٽرا جي ڀيٽ ۾ 125 ڊالر (پاڪستاني 20 هزار رپيا) سستي آهي جيڪا پري آرڊر ۾ 15 جنوري کان دستياب هوندي.

ان جي قيمت 12 سئو ڊالر (هڪ لک 92 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) کان شروع ٿيندي جيڪا 12 جي بي ريم  128 جي بي اسٽوريج سان گڏ هوندي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.