اسد منير جي آپگهات جو ذميوار نيب هو: سليم مانڊوي والا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۾ ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي اڳوڻي ميمبر بريگيڊيئر (ر) اسد منير جي آپگهات جو ذميوار نيب کي قرار ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سليم مانڊوي والا چيو ته نيب پنهنجو طريقي ڪار درست ڪري ۽ ماڻهن کي هراسان نه ڪري، بريگيڊيئر (ر) اسد منير جي آپگهات جو ڪهڙو سبب هو؟ حقيقتون سامهون آنديون وڃن.

هن چيو دلچسپ ڳالهه جيڪا مون کي خبر پئي آهي ته اسد منير جي پهرين آپگهات جي ڪوشش ۾ گهرواري کيس بچائي ورتو هو پر ٻي ڪوشش ۾ هو نه بچي سگهيو.

سندس چوڻ هو ته مان اسد منير جي گهروار ي ۽ نياڻي سان تفصيلي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ان معاملي کي انساني حقن جي ڪميشن ۾ کڻي وينداسين، چيف جسٽس کي ٻيهر خط لکنداسين ته جيڪو خط اسد منير صاحب لکيو هو ان تي ڪارروائي ڇو نه ٿي ۽ ان مسئلي کي سينيٽ ۾ به اٿارينداسين ته اسد منير جي حق ۾ هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو وڃي، ڇو ته جيڪو ڪجهه ٿيو، ان جو سبب نيب هو.

سليم مانڊوي والا چيو ته مان گذريل ڏينهن ايوان ۾ چيو هو ته پارليامينٽ به ڊنل آهي، هر ماڻهو ڊنل آهي، مان آرمي چيف کي به درخواست ڪندس ته ان معاملي جو نوٽيس وٺي، اسان کي حل ڪڍڻو پوندو ته جيئن نيب ڪاروباري برادري ۽ نجي ماڻهن کي تنگ ڪرڻ بند ڪري.

ان موقعي تي اسد منير جي نياڻي چيو ته مان سليم مانڊوي والا سان هن وقت تائين گڏ بيٺي رهنديس، جيستائين انساني حقن جون ڀڃڪڙيون جاري رهنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.