لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اداڪارا جيسيڪا ڪيمپبيل 38 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.
فلم ”اليڪشن“ ذريعي شهرت حاصل ڪندڙ اداڪارا جي وارثن لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته جيسيڪا 29 ڊسمبر تي پورٽ لينڊ ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي.
جيسيڪا پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1992 ۾ فلم ”بيسٽ انٽرسٽ آف دي چلڊرن“ سان ڪئي، پوءِ 1999 ۾ هن فلم ”اليڪشن“ ۾ فن جو مظاهرو ڪري شهرت حاصل ڪئي.
جيسيڪا ڪيمپبيل اداڪاري ڇڏي نيچرو پيٿڪ سرجن بڻجڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ سندس گهروارن موجب پريڪٽس دوران هوءَ هڪ مريض کي ڏسي فوت ٿي وئي.