”سنڌ جي ٻيٽن تي ڪا فوج نه پئي اچي، موقف الڳ الڳ آهي“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا ويڪسين بابت قوم سان ڪو به ڪوڙ ناهي ڳالهايو ۽ هلندڙ سال جي شروعاتي ٽن مهينن تائين ويڪسين موجود هوندي.

ڪراچي ۾ رابطا ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ۽ وفاقي وزير امين الحق سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته ڪراچي وارا ڪجهه عرصي کان سنڌ ۽ وفاقي حڪومت ڏانهن ڏسي رهيا هئا ته ٻنهي حڪومتن گڏجي شهر جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ان تي عمل ٿيندو يا نه، انهن منصوبن مان ڪجهه وفاقي جي ذميواري آهن ڪجهه ته صوبائي حڪومت ڪم ڪندي، جڏهن ته ڪجهه گڏيل طور مڪمل ڪيا ويندا.

هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته وڏي سائنسي ۽ پيشيوراڻي طريقي سان اين اي ڊي يونيورسٽي جي ڊيزائن مڪمل ٿي وئي، سنڌ حڪومت جي حددخليون هٽائڻ جي ذميواري هئي جنهن تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي ۽ گرائونڊ تي ايف ڊبليو او ۽ اين ڊي ايم اي مشيرينري ۽ ٽيمون اچي ويون آهن، هاڻ ٻنهي حڪومتن جي ذميواري آهي ته ڪم ۾ آيل رنڊڪن کي ختم ڪيو وڃي.

آدم شماري جي حوالي سان اسد عمر جو چوڻ هو ته آدم شماري تي خدشا سنڌ، بلوچستان سميت ٽن صوبن جا هئا ۽ آهن، اِها شماري اسان جي دور ۾ نه ٿي هئي جڏهن ته رڳو ان آدم شماري تي نه پر هر آدم شماري تي ڪراچي کي اعتراض رهيو آهي.

هن چيو ته ان حوالي سان ڪميٽي سفارشون تيار ڪري رهي آهي، بحث مباحثو ٿيندو ۽ ماڻهن کي خاطري ڪرائڻ آهي ته آدم شماري درست ٿيندي آهي.

سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي جي الزام بابت سندس چوڻ هو ته ٻيٽن تي سنڌ ۽ وفاق جو الڳ الڳ موقف آهي، انهن جزيرن تي ڪا به فوج نه پئي اچي جڏهن ته اسان ويهي ترقي ۽ بهتري تي ڳالهيون ڪرڻ جو طئي ڪيو آهي.

ڪراچي سرڪلر ريلوي جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته ڪي سي آر تي ڪم شروع ۽ اشتهار به جاري ڪري چڪا آهيون ۽ ايم ايل ون کان اڳ سرڪلر منصوبو مڪمل ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪراچي ۾ گرين لائن، پنج پُلن جي منصوبي ۽ منگوليا روڊ سميت ڪافي منصوبا وفاق مڪمل ڪري چڪو آهي.

سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه:

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ مينهن کان پوءِ وفاقي، صوبائي حڪومت پاڻي جي نيڪالي لاءِ منصوبو بڻايو جنهن جي لاءِ نالن جي صفائي ۽ ان تان حددخليون هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پهرين ٽن وڏن نالن تي ڪم ڪري رهيا آهون جنهن ۾ هن وقت تائين ڪا به مزاحمت سامهون ناهي آئي.

هن چيو ته نالن جي صفائي جو هڪ طريقيڪار طئي ڪيو آهي جنهن سان پاڻي جي نيڪالي ٿئي جڏهن ته شروعاتي سروي ۾ گهرن کي ڊاهڻ جو انگ گهڻو ۽ هزارن ۾ هو پوءِ ان ۾ گهٽتائي آئي.

آدم شماري بابت سندس چوڻ هو ته ان تي خدشا موجود آهن پر ان جو فورم گڏيل مفادن واري ڪونسل (سي سي آءِ) آهي، ٻيا صوبا خدشا رکن ٿا جن کي اجلاس ۾ رکنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.