چونڊ عمل ۾ حصو وٺي حڪومت کي وڌيڪ نروار ڪنداسين: قمر زمان ڪائرا

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ پنجاب جي صدر قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته چونڊ عمل ۾ حصو وٺي حڪومت کي وڌيڪ وائکو ڪنداسين.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قمر زمان ڪائرا چيو ته پي ڊي ايم جي اجلاسن ۾ سينيٽ ۽ ننڍين چونڊن ۾ وڃڻ جو فيصلو ٿي ويو آهي، پي ڊي ايم سياسي اتحاد آهي، فيصلو ٿي چڪو آهي ته استعيفائن ذريعي سينيٽ چونڊون نٿون روڪرائي سگهجن.

هن چيو ته سڀ کان پهريان ملڪي چونڊن جو قبصو درست ڪرڻ جي ضرورت آهي، اليڪشن ڪميشن سامهون احتجاج ۾ پ پ ڀرپور حصو وٺندي.

سندس چوڻ هو ته نوان نوان يوٽرن وٺڻ تي وزيراعظم کي مبارڪون پيش ڪيون ٿا، عمران خان فارن فنڊنگ ڪيس کي تسليم ڪري ورتو، پي آءِ اي جو جهاز روڪڻ بدحالي جو بدترين مثال آهي، پيٽرول ۽ گئس مهانگي ڪرڻ عوام کان جيئڻ جو حق کسڻ برابر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.