جمال شاهه : پيرسن عورت پاران پٽ جي اغوا جون دانهون ، بٺي مالڪ تي اغوا جو الزام

جمال شاھ ڀرسان ڳوٺ گهٽي جي رهواسڻ ملوڪان اوڏ پنهنجي ننهن رخسانا اوڏ سان  گڏجي دانهيندي چيو آهي ته سندس پٽ کي زوري اغوا ڪيو ويو آهي، کيس بازياب ڪرائي ڏنو وڃي، پريس ڪلب جمال شاھ اڳيان دانهيندي سندس چوڻ ه هو ته  هو  دعوت تي ڳوٺ ايوب خان رند ويل هئا جتي بااثر بٺي مالڪ عزيز گل پٺاڻ، علي گل پٺاڻ، سڪندر اوڏ ۽ حاڪم اوڏ  اتي پهتا ۽ کيس چيائون ته سندس پٽ رشيد انهن  جي بٺي تان ٻن  عورتن کي اغوا ڪري ويو آهي پر انهن جو اهو الزام بي بنياد هو هن جو پٽ ان سان دعوت تي آيل هو هو اهڙي قسم جي حرڪت نه ٿو ڪري سگهي

ھن ايس ايس پي ضلعي شهيد بينظير آباد ۽ حد جي ايس ايڇ او کان مطالبو ڪيو  بٺي مالڪ مٿان ڪاروائي ڪري هن جي پٽ کي آزاد ڪرائي ۽ انهن کي تحفظ ڏنو  وڃي، جڏھن ته الزام هيٺ آيل بٺي مالڪ عزيز گل پٺاڻ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو  ته ھن عورت جي پٽ پنھنجي برادري جي ماڻھن جي عورت کي اغوا ڪري پاڻ ئي ڪٿي لڪي ويو آهي ۽ هن تي اغوا جو الزام ڪوڙو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.