اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ڪرائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ جماعت اسلامي سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي.

اليڪشن ڪميشن صدارتي ريفرنس جي مخالفت ڪندي سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو ته سنيٽ چونڊون آئين جي تحت ئي ٿينديون آهن، آرٽيڪل 226 واضح آهي ته وزير اعظم ۽ وڏي وزير کان سواءِ سموريون چونڊون ڳجهي رائي شماري سان ٿينديون، آئين جي آرٽيڪلز 59، 219 ۽ 224 ۾ سينيٽ چونڊن جو ذڪر آهي، آئين ۾ ڪل 15 چونڊن جو ذڪر آهي ۽ ان ۾ رڳو وڏي وزير ۽ وزير اعظم جي چونڊن کي ئي اوپن ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن جواب ۾ چيو ته انڊين آئين ۾ سيڪريٽريٽ بيلٽ جو ذڪر موجود ناهي ۽ ڀارتي عدالتن انڊين آئين ۾ سيڪرٽ بيلٽ جو ذڪر موجود نه هئڻ تي ڀاڙيو آهي.

ان کان سواءِ جماعت اسلامي به سينيٽ چونڊن بابت صدارتي ريفرنس جي مخالفت ڪندي سپريم ڪورٽ کان صدارتي ريفرنس جو جواب ڏيڻ جي بدران واپس موڪلڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.

جماعت اسلامي لکت واري موقف ۾ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندي چيو ته اوپن بيلٽ لاءِ رڳو قانون نه آئين ۾ به ترميم ڪرڻي پوندي، سينيٽ چونڊون ڪيئن ڪرائڻيون آهن فيصلو پارليامينٽ کي ڪرڻ ڏنو وڃي، سينيٽ چونڊن تي آئين جو آرٽيڪل 226 لاڳو ٿئي ٿو.

جواب ۾ چيو ويو ته سينيٽ اميدوارن کي صادق ۽ امين هئڻ گهرجي، ووٽ خريدڻ وارو اميدوار صادق ۽ امين نٿو ٿي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.