ميرپورماٿيلو : رينجرز ونگ اندر ڌماڪو، 5 رينجرز جا جوان زخمي، سکر منتقل

ميرپورماٿيلو شھر ۾ قائم رينجرز ھيڊڪوارٽر 61 ونگ اندر صبح جو سوا ڏھين وڳي زوردار ڌماڪو ٿيو ، جنھن سبب رينجرز جا 5 جوان ذوالفقار، بابر، لياقت علي، وقاص ۽ رحيم زخمي ٿي پيا جن کي ڊسٽرڪٽ ھيڊڪوارٽر اسپتال ميرپورماٿيلو داخل ڪيو ويو، جتان طبي امداد ڏيڻ بعد کين رينجرز اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو ،ڄاڻايل ڌماڪو ونگ اندر اولهھ پاسي پبلڪ روڊ محمد پور جي روڊ سان لڳو لڳ ونگ جي اندر ٿيو، ڌماڪو ايڏو زوردار ھو جو پنج ڪلوميٽر ۽ ان کان وڌيڪ جي مفاصلي تي ٻڌو ويو ، ،رينجرز ذريعن وٽان موقف مليو آھي ته گاڏين جي پراڻن فيول فلٽرن کي ڏنل باھ جي نتيجي ۾ ڌماڪو ٿيو ،ٻي طرف ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپورماٿيلو جي ڊاڪٽرن پنج زخمين جي تصديق ڪئي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.