بحريا ٽائون لاهور اسپتال ۾جگر جي ٽرانسپلانٽ جا ڪامياب آپريشن

لاهور( پ ر ) بحريا ٽائون اسپتال ۽ آرگن ٽرانسپلانٽ سينٽر لاهور ۾جگر جي ٽرانسپلانٽس ڪاميابي سان سرانجام ڏني پئي وڃي، بحريا ٽائون انٽرنيشنل اسپتال ۾نئين سال ۾ڪاميابي سان ٻارن توڙي وڏن جي جگر جي پيوندڪاري جو جشن ملهايو پيو وڃي. 11 ورهين جي ٻارڙي کي جگر جي بيماري هئي، نينگر کي جگر جو ٽڪرو سندس والد عطيو ڪيو، جڏهن ته ٻيو 28 ورهين جو نوجوان جنهن کي سندس ڀاءُ جگر جو ٽڪرو عطيو ڪيو، 10 ڪلاڪن جي ڊگهي سرجري بعد مريض توڙي سندن والدين بلڪل ٺيڪ آهن. اها سرجري دنيا جي نامياري ٽرانسپلانٽ سرجن ڊاڪٽر فيصل حنيف، پروفيسر ڊاڪٽر همارا ارشد چيمه، ڊاڪٽر فضل ڀٽي، ميجر جنرل (ر) افتخار احمد، ڊاڪٽر ثاقب سليم، ڊاڪٽر احمد رضا ۽ ڊاڪٽر شازيا عاصم سرانجام ڏني.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.