احمدپور ۾ ريگيوليٽر جي ديوار ٽٽي پئي، آبادگارن جو احتجاج

احمدپور ( ن ع آ ) احمدپور ابل واهه تي قائم ٿيل احمدپور ريگيوليٽرجي ڪپرن  کي ڏنل ديوار ڪري پٽ پئجي وئي جنهن ڪري ڪپر انتهائي ڪمزور ٿي ويا ان ڏس ۾ آبادگارن عبدالقيوم سنديلو،الله بخش ناريجو، ضمير ملاح، مٺل ابڙو، محرم وسطڙو،اصغرملاح، فتح محمد لاڙڪ ، نديم ناريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احمدپور ريگيوليٽر تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي هنن صحافين اڳيان دانهنيدي چيو ته احمدپور ريگيوليٽر جي ڪپرن کي ڏنل ديوارن جي مرمت نه ٿيڻ ڪري ڪري پٽ ٿي ويون آهن جنهن ڪري پاڻي جي تيز وهڪري سبب  ڪپر ڪمزور ٿي ويا آهن ۽ ڪهڙي به وقت گھارا پوڻ سبب وڏي نقصان جو خدشو آهي هنن وڌيڪ چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا آبپاشي عملي جي ڪامورن کي شڪايتون ڪيون آهن پر تنهن باوجود به ڌيان نٿو ڏنووڃي جيڪا وڏي ناانصافي آهي.  هنن سيڪريٽري آبپاشي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي ته نوٽيس وٺي لاپرواهي ڪندڙ عملي خلاف قانوني  ڪاروائي ڪري ۽ احمدپور ريگيوليٽر کي ديوار ڏياري پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت عدالت جو دروازو کڙڪايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.