اوٻاوڙي ۾ رند برادري جو ايس ايڇ او ماٿيلي خلاف احتجاج

اوٻاوڙو / رونتي(نمائندن وٽان)اوٻاوڙي ۾ رند برادري جي ماڻهن جو ايس ايڇ او مير پور ماٿيلو خلاف نيشنل پريس ڪلب ۾ احتجاج رونتي واسي رند برادري جي ماڻهن محمد عيسا رند ڊهنگاڻو رند الله وڌايو رند ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب پهچي ميرپور ماٿيلو پوليس خلاف احتجاج ڪندي چيو ته اسان جا ماڻهو محمد عيسا ۽غلام قادر رند مير پور ماٿيلو ڪورٽ ويا هئا ته آتا مير پور ماٿيلو پوليس ايس ايڇ او خالد ميمڻ پوليس اهلڪار گل گبول جاويد گڏاڻي گرفتار ڪري کڻي ويا جتي محمد عيسا رند کان 25 هزار رشوت وٺي محمد عيسا کي ازاد ڪري ڇڏيو ۽  غلام قادر رند کي ڇڏائڻ لاءِ 2 لک کڻي اچڻ جو چيو آهي جيڪڏهن پئسا نه کڻي ائين ته غلام قادر کي مان ڪوڙو ڪيس ڪري ھاف فرائي ڪري ڇڏيندس ۽ توهان مٿان اهڙو ڪيس داخل ڪندس ته توهان ساري زندگي جيل جي حواهه کائيندا رهندا احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل صاحب ڊي آئي جي سکر آئي جي سنڌ وزير اعلي سنڌ کان مطالبو ڪيون ٿا ته ايس ايڇ او مير پور ماٿيلو خالد ميمڻ خلاف ڪارروائي ڪري اسان جو ناحق پڪڙيل پوڙهي ضعيف غلام قادر رند کي ازاد ڪرايو وڃي نه ته اسان ڊي آئي جي سکر آفيس اڳيان احتجاج ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.