اڏيري لال ۾ سهتا برادري جو احتجاجي مظاهرو

اوڏيرولال (ن ع آ) اوڏيرولال وليج ۾ پلاٽ جي مالڪي تان سهتا ۽ سيد برادري ۾ تڪرار تيز ٿي ويو، سهتا برادري جو سيد برادري خلاف احتجاجي مظاهرو، اڳوڻي آئي جي سنڌ سيد مشتاق شاهه جي ڀاءُ اشفاق شاهه اسان جي پلاٽ تي زبردستي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ضلعي انتظاميه مٽياري سيد برادري جي ونگارو بڻيل آهي. جڏهن ته اڄ ماپ لاءِ مختيارڪار مٽياري فهد بلو، تپيدار ۽ ضلعي جي پوليس ماپ ڪرڻ لاءِ پهتي ۽ ماپ ڪري واپس رواني ٿي وئي. ان بعد سهتا برادري جي اڳواڻن مظهر سهتو، نور محمد سهتو، عمران راجپوت، محمد عثمان سهتو، امداد علي سهتو، گلزار سهتو، بابو سهتو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هنيو آهي ته اڳوڻي آئي سنڌ سيد مشتاق شاهه جو ڀاءُ اشفاق شاهه اسان جي پلاٽ تي زبردستي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو.  هنن چيو ته ڄاڻايل پلاٽ اسان 2017 ۾ خريد ڪيو هو، جنهن جا اسان وٽ قانوني ڪاغذ پڻ موجود آهن، پر هتان جو بااثر ماڻهو ۽ سنڌ جي اڳوڻي ائي جي سيد مشتاق شاهه جو ڀاءُ سيد اشفاق شاهه قبضا خور آهي ۽ جيڪو اسان جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اسان کي هر وقت پريشان ڪرڻ لاءِ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ اغوا ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي. هنن چيو ته تازو بدلي ٿي آيل ڊي سي مٽياري مرتضيٰ شاهه به سيد اشفاق شاهه جي ونگار وهندي سڄي ضلعي جي پوليس گهرائي زبردستي ماپ ڪري هليا ويا آهن. ماپ کان اول اسان جي ڌر مان ڪنهن کي به نوٽيس نه ڏنو ويو آهي.هنن چيو ته ايس ايڇ او اوڏيرولال وليج به سيد برادري سان ٻٽ بڻيل آهي، جيڪو پڻ ونگارو بڻيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.