پاڻي جي انتظام بابت بل سٺو عمل آهي:امجد بلوچ

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي ساڃاهه وندن، پاڻي ماهرن سميت عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم جي اڳواڻن سنڌ اسيمبلي ۾ پاڻي جي انتظامڪاري لاءِ عورتن جي شموليت وارو ترميمي بل منظور ڪرڻ جي آجيان ڪندي تي حڪومت جي قدمن کي بهتر قرار ڏيندي چيو آهي ته سماجي تنظيم ايس پي او پاران ايم پي اي رعنا انصار، عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي وزير شهلا رضا، ايم پي اي تنزيل قمبراڻي، شرميلا فاروقي ۽ ٻين اسيمبلي ميمبرن طرفان سنڌ واٽر مينيجمينٽ آرڊينس اميڊمينٽ بل پاس ڪرائڻ ۾ ڀرپور سهڪار ڪرڻ تي کين واڌايو ڏنيون ويون آهن. ن حوالي سان ايس پي او جي ريجنل هيڊ امجد بلوچ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڻي جي انتظامڪاري ۽ امن بحال ڪرڻ جي لاءِ عورتن جي شموليت تمام گھڻي ضروري آهي، جڏهن ته سنڌ واٽر مينيجمينٽ آرڊينس 2002ع ۾ عورتن جي شموليت بابت ڪا واضح ڳالهه نه ڪيل هئي، انهي ڪري هنن بل ۾ ترميم ڪرائڻ لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ ڪري هي اهم بل منظور ڪرايو آهي. هن چيو ته ٻهراڙي جون 70 سيڪڙو عورتون زراعت ۽ پاڻي جي استعمال ۾ ملوث هونديون آهن، انهي ڪري پاڻي جي انتظامڪاري ۾ عورتن جي شموليت تمام ضروري آهي. هن چيو ته هو ايس پي او طرفان سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن، سيڊا چيئرمين عبدالباسط سومرو سان گڏ سيڊا، ايريگيشن سميت آبپاشي کاتي جي لاڳاپيل آفيسرن توڙي سياسي سماجي شخصيتن جا تمام گھڻا ٿورائتا آهن، جن هن بل جي پيش ٿيڻ کان وٺي بل جي منظوري لاءِ ساڻن تمام گھڻو سهڪار ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.