جيالا ان ڳالهه کي يقيني بڻائن ته سنڌ ۾ ننڍين چونڊن تي ڪير ڌاڙو نه هڻي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي نااهلي ۽ نالائقي جو نتيجو  عوام ڀوڳي رهيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري سان پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو ۽ جنرل سيڪريٽري وقار مهدي ملاقات ڪئي جڏهن ته بلاول هائوس ڪراچي ۾ ٿيل ملاقات ۾ نثار کهوڙو ۽ وقار مهدي کيس بريفنگ ڏني.

اڳواڻن پارٽي چيئرمين کي صوبي ۾ سياسي ۽ تنظيمي صورتحال، ننڍين چونڊن ۽ پي ڊي ايم جي تحريڪ تي بريفنگ ڏني.

نثار کهوڙو ۽ وقار مهدي پارٽي چيئرمين کي ٻڌايو ته ننڍين چونڊن ۾ پارٽي اميدوارن جي ڪاميابي واضح آهي.

ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت جي نااهلي ۽ نالائقي جو نتيجو عوام ڀوڳي رهيو آهي، جڏهن ڏسو سليڪٽڊ حڪمران بجلي ۽ پيٽرول جا اگهه وڌائڻ جي تياري ۾ لڳل آهي.

بلاول ڀٽو هدايت ڪئي ته جيالا ان ڳالهه کي يقيني بڻائن ته سنڌ ۾ ننڍين چونڊن تي ڪير ڌاڙو نه هڻي.

هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پاري اسٽيل ۽ پي آءِ اي جي ملازمن سان گڏ آهي، ناجائز حڪمران کي راڄ نه ڪرڻ ڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.